طور سورت

طور (سورت): طور قرآن مجيد جي ٻاونجاهين سورت آهي. هن ۾ ٻه رڪوع ۽ اڻونجاهه آيتون آهن. هي سورت مڪي شريف ۾ ان وقت نازل ٿي، جڏهن حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن تي الزامن ۽ اعتراضن جو وسڪارو هلي رهيو هو. هن سورت ۾ طور جبل جو ذڪر آيو آهي، جنهن جي نسبت حضرت موسى عليه السلام سان آهي. ان ڪري هن سورت جو نالو طور پئجي ويو. سورت جي شروعات ۾ ٻڌا يو ويو آهي ته: جهڙيءَ ريت حضرت موسى عليه السلام تي طور جبل مٿان وحي لاٿي وئي هئي ۽ ان جي مخالفت ڪندڙن جو جيڪو حشر ٿيو هو، جيڪڏهن قريش ڪافر به انهن وانگر حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي مخالفت ڪرڻ کان نه مڙيا ته انهن جو حشر به تباهي ۽ بربادي هوندو ۽ پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن کي هدايت ڪئي وئي ته حق جي مخالفن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي دعوت ماڻهن تائين پهچائيندا رهن، آخري آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تڪليفن ۽ بندشن جو صبر ۽ استقلال سان مقابلو ڪندا هلندا رهو، ايستائين جو الله تعالى جو فيصلو نه اچي ۽ ان (الله) توهان کي اڪيلو نه ڇڏيو آهي، بلڪه لڳاتار توهان جي نگهباني ڪري رهيو آهي، جيستائين فيصلي جي گهڙي نه اچي تيستائين سڀ ڪجهه سهندا ۽ هلندا رهو. هيءَ ئي اها ڳالهه آهي جا اهڙين حالتن ۾ دين جي ڪم ڪندڙ کي درڪار هوندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو